ملڪ مان نواز شريف جون خدمتون ڪڍو ته باقي کنڊر بچندا: مريم نواز

ساهيوال (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٻوڏ متاثرن کي پاڻ لاءِ الله جا مهمان قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ ۾ متاثر ٿيندڙ هارين کي في ايڪڙ 20 هزار رپين جي حساب سان امداد ڏيندي.
ساهيوال ۾ اليڪٽرڪ بسن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ساهيوال لاءِ 30 اليڪٽرڪ بسون آنديون اٿم، جن ۾ ماڻهو باعزت طريقي سان سفر ڪندا، ساهيوال جا ماڻهو جيڪو سفر سو رپين ۾ ڪندا هئا، هاڻي رڳو 20 رپين ۾ ڪندا.
مريم نواز موجب، بس سروس عورتن، اسپيشل ماڻهن، بزرگن ۽ شاگردن لاءِ مفت هوندي، جڏهن ته بس ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ خاص ريمپ پڻ ٺاهيو ويو آهي، بس ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳل آهن، جنهن ذريعي نگراني ڪئي ويندي ته ڪٿي عورتن کي هراسان نه ڪيو وڃي.
مريم نواز چيو ته ساهيوال وارا نواز شريف سان ۽ نواز شريف ساهيوال وارن سان پيار ڪري ٿو، ايڪسپريس وي ٺاهيا ته نواز شريف ٺاهيا، ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته نواز شريف ڪيا، ملڪ مان نواز شريف جون خدمتون ڪڍي ڇڏيو ته کنڊرن کانسواءِ ڪجهه نه بچندو.
مريم نواز چيو ته ”حق جي مقابلي“تاريخي فتح حاصل ڪئي، ويڙهه ۾ ڪاميابي سان دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدو اهم ڪارنامو آهي، مڪو۽ مدينو اسان لاءِ پاڪ ڌرتي آهن، پاڪستان هاڻي خادمين الحرمين الشريفين ۾ شامل ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ تازي ٻوڏ بابت ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ پاڪستان جي تاريخ جو بدترين ٻوڏ آئي، 25 لک ماڻهن کي ٻوڏ اچڻ کان اڳ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو، ٻوڏ ۾ ڦاٿل لکين ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو، 20 لک کان وڌيڪ جانورن کي به محفوظ ٺڪاڻن تي پهچايو.
هن چيو ته جيترا به ماڻهو ريسڪيو ٿيا انهن کي پنهنجو مهمان سمجهون ٿا، منهنجي لاءِ اهي ٻوڏ متاثر نه پر الله جا مهمان آهن، متاثرن کي عزت سان ميز ڪرسي تي کاڌ خوراڪ ڏني پئي وڃي، جنهن جو گهر مڪمل تباهه ٿيو ان کي 10 لک رپيا ملندا، جنهن جو مٽيءَ جو گهر ڪِريو تنهن کي 5 لک رپيا ملندا.
مريم نواز چيو ته جنهن جي ڳئون يا مَينهن لڙهي وئي ان کي 5 لک رپيا ڏينداسين ۽ جنهن جي ٻڪري يا رِڍَ وئي ان کي 50 هزار رپيا ملندا، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان تي هارين کي في ايڪڙ 20 هزار رپيا امداد ملندي.
وزيراعليٰ چيو ته پنجاب جي هر ضلعي ۾ بي گهر ماڻهن لاءِ گهر ٺهيا پيا وڃن، وزيراعليٰ جو ڪم آهي ته ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ بيهي، ڪو اهڙو ماڻهو نه هو جيڪو حڪومت ۾ هجي ۽ سُکَ سان ستو هجي ، 15 لک خانانن کي راشن ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، ”اپنا گهر“ اسڪيم تحت 80 هزار گهر ٺهي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.