راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ٽو ڪيس ۾ آخري ٻن شاهدن بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا.
توشا خانا ٽو ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي، جتي پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو.
فريادي ڌر ڪيس جي آخري ٻن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرايا، شاهدن ۾ نيب جو جاچ آفيسر محسن هارون ۽ ايف آءِ اي جو انويسٽيگيشن آفيسر شاهد پرويز شامل هئا.
توشا خانا ٽو ڪيس ۾ مجموعي طور 20 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جن مان 18 کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي آهي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like