بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي نوجوان ماهرن لاءِ ” ڪي “ ويزا متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي نوجوان ماهرن لاءِ متعارف ڪرايل ” ڪي“ ويزا پهرين آڪٽوبر کان لاڳو هوندي، جنهن تحت اهل اميدوارن کي داخلا، رهائش ۽ بار بار اچڻ وڃڻ جي سهولت وڌيڪ سولائيءَ سان ملي ويندي.
”ڪي“ويزا هولڊرز تعليم، ثقافت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ڪاروباري تحقيق ۾ حصو وٺي سگهندا، جڏهن ته ان لاءِ ڪنهن به ملڪي يا اداري جي دعوت نامي جي ضرورت نه هوندي.
اختيارين موجب، اِهو قدم عالمي سائنسي ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ ۽ بين الاقوامي سهڪار وڌائڻ لاءِ کنيو ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر اميگريشن محدود ڪرڻ لاءِ ايڇ ون بي ورڪر ويزا جي سالياني فيس هڪ لک ڊالر مقرر ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻي ايڇ ون بي ويزا پاليسي بابت نئون ايگزيڪٽيو آرڊر لاڳو ٿي ويو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ ايڇ ون بي درخواستن تي هڪ لک ڊالر فيس کانپوءِ اِها ويزا ڏکڻ ايشيا سميت عالمي ٽيلنٽ لاءِ پرڪشش متبادل بڻجي سگهي ٿي.
You might also like