شڪارپور (رپورٽ:زاھد سنجراڻي) سنڌ اندر ڀوتار ۽ قبيلائي سردار عدالتن کان به زور آور ٿي ويا. شڪارپور ضلعي جي جاڳڻ واري علائقي ۾ هلندڙ صوبائي صلاحڪار مير بابل ڀيو جي مامي ذوالفقارعلي ڀيو ۽ ممڻاڻي برادري ۾ هلندڙ تڪرار جو جرڳو ترائي ۾ ضلعي چيئرمين ذوالفقار ڪماريو ۽ چنگيز پنهور جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ ڀيا برادري طرفان صوبائي صلاحڪار مير بابل ڀيو، سندس مامو ذوالفقار ڀيو، مارفاڻي برادري طرفان عبدالرحمان مارفاڻي شريڪ ٿيا. ٻنھي ڌرين جا ھڪ ٻئي مٿان ھڪ نينگري ٻن عورتن، ٻارنھن مردن سميت پندرنھن خون ۽ ويھ زخمي ثابت ٿيا. فيصلي جي امين ڌرين مٿان مجموعي طور پنج ڪروڙ 95 ڪروڙ ڏنڊ رکيو ويو. جرگي ۾ مرد جي خون جي بھا پنجويھ لک ۽ عورت جا پنجاھ لک عيوضو. رکيو ويو. ڏنڊ جي رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. فتويٰ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا. ڪجھ سال اڳ صوبائي صلاحڪار مير بابل ڀيو جي مامي ذوالفقار ڀيو جي زمين تان ول چوري ٿي ھئي جنھن جو الزام مارفاڻي برادري جي ممڻاڻي پاڙي مٿان لڳايو ويو ھو. جنھن بعد ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو جنھن ۾ ھن وقت تائين ھڪ معصوم نينگري ٻن عورتن سميت پندرنھن ماڻھو قتل ۽ ويھ زخمي ٿيا ھئا.