بنگلاديش ۾ سرمائيدارن جي ڦرلٽ جاري آهي: ڪميونسٽ پارٽي آف بنگلاديش

ڍاڪا(عوامي آواز نيوز)ڪميونسٽ پارٽي آف بنگلاديش جي 13هين ڪانگريس، جيڪا ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن بي ايم اي آڊيٽوريم، ڍاڪا ۾ جاري آهي، ڪانگريس ۾ مرڪزي ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري، ڪامريڊ روهين حسين پرنس، مرڪزي ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪئيمرڪزي ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ عظيم آزاديءَ جي جنگ ۾ حاص ڪاميابيءَ کي 54 سال گذري چڪا آهن. هن عرصي دوران 1990 ۽ 2024 ۾ بي مثال عوامي بغاوتون ٿيون، پر ملڪ جا ماڻهو حقيقي آزادي حاصل نه ڪري سگهيا. ملڪ اهڙي رستي ڏي وڌي رهيو آهي، جيڪو جمهوريت، اڻبرابري، آزادي ۽ انساني وقار جي قيام جي ابتڙ آهي. هڪ ڊگهي وقت کان ملڪ ۾ ڏوهارين جي سياست ۽ آزاد منڊي واري معيشت جي نالي ۾ سرمائيدار  جي ڦرلٽ جاري آهي.  جنهن سماجي ۽ ثقافتي بحران پيدا ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ماڻهو روزاني زندگيءَ ۾ هن بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر اصل آزادي اڃان تائين نہ اچي سگهي آهي. رياستي ۽ سماجي زندگيءَ جو بحران وڌي رهيو آهي. جنهن جي ڪري ماڻهن ۾ مايوسي وڌي رهي آهي. پارٽي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تہ  جيستائين سموري نظام ۾ بنيادي تبديلي نہ ايندي، ايستائين آزادي ممڪن ناهي اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جو مکيه ڪم هڪ اهڙي کاٻي ڌر جي جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ آهي، بنگلاديش جي ترقي پسند قوتن کي بنيادپرست قوتن جي رستا روڪ ڪرڻي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.