آمريڪا کي هڪ انچ زمين به نه ڏينداسين: افغان حڪومت

ڪابل (م ڊ) افغان طالبان حڪومت بگرام ايئربيس ٻيهر حاصل ڪرڻ بابت آمريڪي ڌمڪين کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته دوحه معاهدي تحت آمريڪا کي افغانستان خلاف طاقت استعمال ڪرڻ يا ڌمڪيون ڏيڻ جو حق ناهي ۽ آمريڪا افغانستان جي اندرين معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو پابند آهي، جيڪڏهن آمريڪا کي اڏا واپس گهرجن ته اسان ايندڙ 20 سال وڌيڪ جنگ لاءِ تيار آهيون، پرڏيهي فوج جي واپسي جي ڪنهن به ڪوشش کي سخت مزاحمت ملندي، هي بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن آمريڪي صدر خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن افغانستان بگرام ايئربيس واپس نه ڪندو ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، افغان دفاع واري وزير ملا يعقوب مجاهد چيو ته اسان جو جواب صاف آهي، جيڪڏهن آمريڪا واپس اچي اڏا وٺڻ چاهي ٿو ته اسان ٻيهر 20 سال وڙهنداسين، ملا يعقوب طالبان جي باني ملا عمر مجاهد جو پٽ آهي.انٽيليجنس جي نائب سربراهه ملا تاجمير جواد چيو ته افغان حڪومت موجوده نظام جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته افغانستان جي پرڏيهي وزارت به آمريڪي واپسي جو تصور رد ڪندي چيو آهي ته افغان ڪڏهن به پنهنجي سرزمين تي پرڏيهي فوج قبول نه ڪندا، دفاع وزارت جي چيف آف اسٽاف فصيح الدين فطرت به واضح ڪيو ته ”افغانستان جي سرزمين جو هڪ انچ به ڪنهن حوالي نه ڪيو ويندو، ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم تي لکيو ته جيڪڏهن افغانستان بگرام ايئربيس آمريڪا کي واپس نه ڪندو ته سموريون خراب شيون ٿينديون، ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا مختلف علائقن تي ڪنٽرول جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.