ميمڻ ڳوٺ ۾ 3 کدڙا فقير قتل، گوليون لڳل لاش هٿ

ملير(رپورٽ: جميل چانڊيو) ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد مان ٽن کدڙن فقيرن جا گوليون لڳل لاش هٿ، ميمڻ ڳوٺ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي جناح اسپتال منتقل ڪيا، پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٽنهي کدڙن فقيرن مان ٻن جي سڃاڻپ محمد جيئل اڄڻ پٽ محمد مراد، اليڪس رياست پٽ رياست مسيح جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته هڪ کدڙي فقير جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، محمد جيئل اڄن ماسٽرز تعليم يافته نڪتو، جڏهن ته سڃاڻپ بوزدار وڏا واسي محمد جيئل اڄڻ طور ۽ ٽن ٻارن جي پيءُ طور ٿي، مقتول جي ست سال اڳ شادي ٿي هئي کيس ٻن پٽن ۽ ھڪ نياڻي جي اولاد آھي، ايس ايس پي ملير عبد الخالق پيرزادو واقعي واري هنڌ پهتو ۽ تفصيل ورتا، ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ملير عبد الخالق پيرزادو چيو ته ٻن کدڙن فقيرن کي سيني تي ۽ هڪ کي مٿي ۾ گولي هنئي وئي، ٽنهي کي هڪ هڪ گولي هنئي وئي، واقعي واري هنڌان ٻه نائين ايم ايم جا خول پڻ مليا آهن، جڏهن ته واقعي واري جاءِ تان هڪ پرس، ٽشوز ۽ ٻيون شيون پڻ هٿ ڪيون ويون، ايس ايس پي ملير موجب کدڙن فقيرن کي ساڳئي هنڌ قتل ڪيو ويو، جتي هو معمولي طور ايندا رهيا هئا، واقعي واري هنڌ ڪا به ڪئمرا لڳل ناهي، پر روڊن تي لڳل ڪئمرائون چيڪ ڪيون پيا، مارجي ويل هڪ کدڙي فقير جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته کدڙن فقيرن جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، وڏي وزير بيان ۾ چيو ته قاتلن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري مون کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. کدڙا فقير معاشري جو اهو مظلوم طبقو آهن جن کي عزت ۽ احترام ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، رياست ڪنهن به مظلوم ۽ معصوم شهري جو قتل برداشت نه ڪندي، جڏهن ته صوبائي گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کي هدايت ڪئي ته واقعي بابت شروعاتي معلومات ۽ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ضياء الحسن لنجار چيو ته واقعي واري هنڌ تان گڏ ڪيل ثبوتن ۽ مواد جي جاچ جديد ۽ ماڊرن ٽيڪنيڪس جي بنياد تي ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وڃي، قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ انٽيليجنس ذريعا پڻ استعمال ڪيا وڃن، جڏهن ته واقعي جي پس منظر ۾ موجود عنصرن کي به سامهون آندو وڃي، جڏهن ته کدڙن فقيرن جي تنظيم جياءَ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.