ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو) پوليس اهلڪار فضل کوسو جي آزادي لاءِ پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن تيز، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ بهلڪاڻي گينگ جي ملگزار بهلڪاڻي، جاگيراڻي گينگ جي صوبو جاگيراڻي ۽ ڀيو گينگ جي ڏوهاري خادم ڀيو خلاف آپريشن هلي رهيو آهي، پوليس پاران دعويٰ ڪئي وئي ته آپريشن ۾ هن وقت تائين 3 ڏوهاري شفيق عرف اڌڙ ڏاهاڻي، شاهد ڀي ۽ صحبت جاگيراڻي مارجي ويا، 6 ڏوهاري زخمي ٿي پيا، مارجي ويل ڏوهارين شفيق عرف اڌڙ ڏاهاڻي ۽ شاهد ڀيو جا لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته ٽئين مارجي ويل ڏوهاري صحبت جاگيراڻي جو لاش هٿ نه آيو، سول اسپتال ۾ ڏوهاري شفيق عرف اڌڙ ڏاهاڻي جون وارث عورتون لاش وصول ڪرڻ لاءِ پهتيون، جن کي لاش نه ملي سگهيو، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ محمد مراد گهانگهرو جو چوڻ هو ته آپريشن ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو، پوليس 3 ڏوهارين کي مقابلي ۾ ماريو آهي ۽ 6 ڏوهاري زخمي ٿيا آهن، پوليس اهلڪار کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، پوليس اهلڪار کي اغوا ڪندڙ ڏوهاري خادم ڀيو جي ڌمڪين واري ٻي وڊيو وائرل ڪئي وئي، بدنام ڏوهاري خادم ڀيو پوليس کي ڌمڪيون ڏيندي گئس پائيپ لائين ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني، ڏوهاري خادم ڀيو ڌمڪي ڏيندي ايس ايس پي کي چيو ته ماڻهو منهنجو کڻي گم ڪيو وري گولا به مون تي هڻي ٿو، ٻئي پاسي پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري صحبت جاگيراڻي مٿان مختلف ٿاڻن تي سگين نوعيت جا ڪيس داخل ٿيل آهن، مارجي ويل ڏوهاري صحبت جاگيراڻي مٿان 5 لک انعام پڻ رکيل هو، پوليس پاران مقابلي ۾ 3 ڌاڙيلن کي مارڻ ۽ 6 ڏوهارين کي زخمي ڪرڻ بعد آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن خوشي وچان فائرنگ ڪئي ۽ نعرا هنيا، بدامني جي ستايل ۽ ڏوهاري راڄ هيٺ زندگي گذاريندڙ عوام پوليس جي اهڙي تڪڙي ڪارروائي جي واکاڻ ڪئي، پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري شفيق عرف اڌڙ ڏاهاڻي جي وارث عورتن چيو ته شفيق عرف اڌڙ ڏاهاڻي پوليس مقابلي ۾ ناهي ماري ويو، هن جي زال بااثر وٽ قيد هئي جنهن جي لاءِ هو مختلف وقتن تي چڱن مڙسن ڏانهن دانهن کڻي ويو پر هن جي ڪنهن به نه ٻڌي، هو روپوش ٿي ويو، گذريل رات هو بااثر کان پنهنجي زال گهرڻ ويو ته فائرنگ ڪري هن کي قتل ڪيو ويو، انصاف ڪيو وڃي.