دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ سريلنڪا جي ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنسون ٺاهيون.
ڊاسن شناڪا 64، ڪوشل مينڊس 34، پاٿم نسانڪا 22، ڪپتان اسالانڪا 21 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي مستفيض الرحمان 3، مهدي حسن 2، تسڪين احمد هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ بنگلاديش جي ٽيم گهربل هدف 19.5 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
سيف حسن 61، توحيد 58 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪپتان لٽن داس 23 ۽ شميم حسين 14 رنسون ٺاهيون.
You might also like