شادين تي شاهاڻا خرچ ۽ سوشل ميڊيا تي دولت نمائش ڪندڙن جو گيهرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريوينيو (ايف بي آر) سوشل ميڊيا تي دولت جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، سوشل ميڊيا تي دولت جي نمائش ڪندڙ لکين ماڻهن جو ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي، پهرئين مرحلي ۾ ايف بي آر هڪ لک امير ماڻهن جو آڊٽ ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شاديَن تي وڏا خرچ ڪندڙ نان فائلرز خلاف به ڪارروائي ٿيندي، شاديَن تي 20، 20 هزار ڊالر جا سوٽ استعمال ڪندڙ پڪڙ ۾ ايندا، بنگلن، گاڏين ۽ زيورن جي نمائش ڪندڙن کي آمدني جا ذريعا ڄاڻائڻا پوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر گذريل سال جمع ڪرايل گوشوارن جي هلندڙ سال سان ڀيٽ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.