ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 17 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 90 هزار 300 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 1458 رپيا اضافي سان 3 لک 34 هزار 619 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 17 ڊالر واڌ بعد 3685 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن في تولي سون جي اگهه ۾ 11 سئو رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
You might also like