ورڪ ويزا تي آمريڪا وڃڻ جي خواهشمدن لاءِ بُري خبر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر اميگريشن محدود ڪرڻ لاءِ ايڇ ون بي ورڪر ويزا جي سالياني فيس هڪ لک ڊالر مقرر ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حڪم نامي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ، جنهن تحت ايڇ ون بي ورڪر ويزا لاءِ سالياني فيس هڪ لک ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي.
صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ڪجهه حالتن ۾ ڪمپنين کي ايڇ ون بي ويزا لاءِ وڏي رقم ڏيڻي پوندي.
هڪ رپورٽ موجب، ان نئين قدمن سان ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي وڏو جهٽڪو لڳندو، ڇو ته اهي ڪمپنيون ڀارت ۽ چين مان ٽيڪنالاجي ماهرن کي آمريڪا ۾ روزگار فراهم ڪن ٿيون.
واضح رهي ته ان کان اڳ ويزا فائل ڪرڻ جي فيس 215 آمريڪي ڊالر کان شروع ٿي مختلف حالتن ۾ ڪيئي هزار ڊالر تائين ويندي هئي، پر هاڻي هڪ لک آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ فيس جو فيصلو ڪمپنين ۽ اميدوارن لاءِ خراب صورتحال پيدا ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.