فتنه الهندوستان جو ڪمانڊر ۽ جعفر ايڪسپريس جو ماسٽر مائينڊ افغانستان ۾ مارجي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فتنه الهندوستان جو دهشتگرد ۽ جعفر ايڪسپريس حملي جو ماسٽر مائنڊ افغانستان ۾ مارجي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، فتنه الهندوستان جو دهشتگرد گل رحمان عرف استاد مريد افغانستان ۾ مارجي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گل رحمان عرف استاد مريد جعفر ايڪسپريس حملي جو ماسٽر مائنڊ هو، ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا موجب اهو دهشتگرد افغان صوبي هلمند ۾ 17 سيپٽمبر 2025 تي مارجي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد گل رحمان فتنه الهندوستان مجيد بريگيڊ جو ٽرينر ۽ آپريشنل ڪمانڊر هو، دهشتگرد گل رحمان سيڪيورٽي فورسز، چيني ۽ پاڪستاني شهرين ۽ مختلف ادارن تي حملن ۾ ملوث هو.
ذريعن موجب، فتنه الهندوستان پاڪستان جي بيگناهه معصوم شهرين، سيڪيورٽي فورسز ۽ سي پيڪ منصوبن کي نشانو بڻايو.
ياد رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ بلوچستان جي علائقي بولان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪري 26 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو هو، جڏهن ته فورسز جي ڪارروائي ۾ 33 دهشتگرد مارجي ويا هئا ۽ 350 کان وڌيڪ يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.