پاڪ-ڀارت ٽاڪرو، ٽڪيٽن جي ڊمانڊ وڌي وئي، سڀ کان سستي ٽڪيٽ جو ملهه 27 هزار مقرر!

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي سپر فور مرحلي جي ميچ جي ٽڪيٽن وڪري ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ ڀيرو وري آچر تي ٽاڪرو ٿيڻ وارو آهي.
ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي دنگل کي نظر ۾ رکندي پاڪ-ڀارت سپر فور ميچ جي ٽڪيٽن جي ڊمانڊ وڌي وئي آهي.
ميچ لاءِ ٽڪيٽ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 350 درهم يعني لڳ ڀڳ 27 هزار پاڪستاني رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ۾ ”هينڊ شيڪ“ جو تڪرار سامهون آيو هو، جنهن ۾ ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ پاڪستاني ڪپتان کي ڀارتي ڪپتان سان هٿ ملائڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان معاملي تي سخت احتجاج ڪندي آءِ سي سي کان اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو، بعد اينڊي پائڪرافٽ ان واقعي تي پاڪستاني ڪپتان کان معافي وٺي ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.