گريمي ايوارڊ يافتا آمريڪي راڳي، زال ۽ ڌيءَ سوڌو جهاز حادثي ۾ فوت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي گلوڪار بريٽ جيمز پنهنجي زال ۽ نياڻي سميت جهاز حادثي ۾ وڃائي ويٺو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 18 سيپٽمبر تي گرامي ايوارڊ يافته آمريڪي گلوڪار بريٽ جيمز پنهنجي زال ۽ 28 ورهين جي نياڻي سان گڏ نجي جهاز ۾ سوار ٿيو.
خانگي جهاز آمريڪي شهر نيش ول جي جان سي ٽيول ايئرپورٽ تان اڏام ڀري، پر شام 3 وڳي ڌاري اتر ڪيرولائنا واري علائقي فرينڪلن ۾ قائم هڪ اسڪول جي ويجهو ٻنيءَ ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو.
حادثي ۾ بريٽ جيمز، سندس زال ۽ نياڻي سميت ٽيئي ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته اسڪول جي ڪنهن به شاگرد جي فوت يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن مليا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حادثي جو شڪار ٿيل جهاز بريٽ جيمز جي نالي تي رجسٽرڊ هو، پر حادثي جي اصل ڪارڻ بابت اڃا تائين ڪي به تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
واضح رهي ته 57 ورهين جو بريٽ جيمز 90 واري ڏهاڪي ۾ هڪ سولو البم جاري ڪيو هو، بريٽ پردي پٺيان سوين گيت لکڻ ۽ ڳائڻ سبب وڌيڪ مشهور هو.
سندس شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ٻه ڀيرا گرامي ايوارڊ سان به نوازيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.