اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود جو چاچو ۽ اڳوڻو وفاقي وزير ڊاڪٽر وقار مسعود لاڏاڻو ڪري ويو.
اڳوڻي وفاقي وزير جي ڀاءُ منصور خان طرفان ڊاڪٽر وقار مسعود جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي وئي.
منصور خان موجب، ڊاڪٽر وقار مسعود جي تدفين اڄ سانجهيءَ جي نماز کانپوءِ اسلام آباد ۾ ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ڊاڪٽر وقار مسعود ڪيترائي سال وفاقي ناڻي واري سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏنيون هيون.
You might also like