نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ايران تي مڙهيل پابنديون ختم ڪرڻ وارو ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جمعي تي سلامتي ڪائونسل ۾ ايران تي 2015ع ۾ جوهري معاهدي تحت اقتصادي پابندين ۾ نرمي بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور نه ٿي سگهيو.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ 4 ملڪن ايران تي نيون پابنديون روڪڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 9 ملڪن پابندين ۾ نرمي جي مخالفت ڪئي.
ان کانسواءِ ٻن ملڪن ووٽنگ واري عمل ۾ حصو نه ورتو، پاڪستان، چين، روس ۽ الجزائر ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
سلامتي ڪائونسل جي فيصلي کانپوءِ ايران تي اقتصادي پابنديون برقرار رهنديون.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ان قدم سان ايران ۽ اولهه وارن ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.
You might also like