اسلام آباد (مطيع الله جان/ثاقب بشير) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز خان ۽ جسٽس سمن رفت امتياز سپريم ڪورٽ ۾ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون آهن. آئين جي آرٽيڪل 184(3) تحت ڏنل انهن درخواستن ۾ عدالتي آزادي تي اثرانداز ٿيندڙ معاملن کي چيلينج ڪيو ويو آهي. مطيع الله جان ۽ ثاقب بشير موجب، پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ اها پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هاءِ ڪورٽ جا موجودا جج پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيئي، عام شهري جيان سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون جمع ڪرائڻ آيا. اهو ڳڻتي جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي، هي برابري جو اصول ته آهي پر جڏهن عام شهري هنن ججن کي انصاف گهرندي ڏسندا ته اهي عدليا مان ڪهڙي اميد رکندا؟ سڪيورٽي اهلڪار جسٽس محسن اختر ڪياني کان پڇيو ته ڇا اوهان وڪيل آهيو؟ جج کيس ٻڌايو ته مان درخواست گذار آهيان. کيس وزٽر پاس ڏنو ويو جيڪو عام شهرين کي ملندو آهي. هن کان اڳ اهڙي صورتحال رڳو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس افتخار محمد چوڌري جي دور ۾ ڏسڻ ۾ آئي هئي، پر ايترو وڏو قدم گڏجي ڪيترن ججن طرفان پهريون ڀيرو کنيو ويو آهي. جسٽس طارق محمود جهانگيري پنهنجي اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ته کيس غيرقانوني طريقي سان عدالتي ڪم کان روڪيو ويو. هن پنهنجي اپيل ۾ اهم آئينِي ۽ قانوني سوال اٿاريا ته ڇا هاءِ ڪورٽ جي ڪا بينچ پنهنجي ساٿي جج خلاف درخواست ٻڌي سگهي ٿي يا کيس ڪم کان روڪي سگهي ٿي؟ پنهنجين درخواستن ۾ خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي ته فيبروري 2024 ۾ جسٽس سرفراز ڊوگر جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيئرمين ٿيڻ کانپوءِ انتظامي ڪميٽي ۾ تبديليون ٿيون، سينيئر ججن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ڪيس ورهاست ۾ به غير شفافيت نظر آئي. مبصرن جو چوڻ آهي ته ججن جو اهڙي صورت ۾ پاڻ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ نه رڳو تاريخي عمل آهي پر عدليا جي اندروني بحران کي به ظاهر ڪري ٿو، جيڪو عوامي اعتماد لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو.