يروشلم/اسلام آباد (م ڊ) 17 سيپٽمبر 2025 تي رياض ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي اسرائيلي ميڊيا ردعمل ظاهر ڪيو آهي. اسرائيل جي سڀ کان وڏي اخبار يروشلم پوسٽ هن معاهدي کي ڀارت ۽ اسرائيل لاءِ چئلينج قرار ڏنو آهي، جڏهن ته پاڪستان ان کي ٻنهي ملڪن جي ڊگهي عرصي کان جاري سهڪار جو تسلسل سڏيو آهي. اسرائيلي رپورٽن موجب، دوحا تي اسرائيل جي حملي ۽ آمريڪي ڪردار کانپوءِ سعودي عرب پاڪستان سان باضابطا دفاعي اتحاد جو اعلان ڪري ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا کي پيغام ڏنو آهي ته هاڻي سندس متبادل آپشن موجود آهن. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان سان ڀارت جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿيندي، خاص طور تي جڏهن مودي حڪومت سعودي عرب ۾ توانائي ۽ سيڙپڪاري ذريعي وڏي سياسي سيڙپڪاري ڪئي آهي. تجزئي نگارن موجب، پاڪستان اڳ ئي سعودي عرب لاءِ ايٽمي ڍال طور ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. اسرائيلي ميڊيا معاهدي کي ڀارت مخالف رنگ ڏيئي ناڪاري تصوير پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيي آهي، پر حقيقت ۾ هي معاهدو پاڪ-سعودي ڀائيواري ۽ خطي جي اهميت جي نئين مرحلي جي عڪاسي ڪري ٿو.