ويڪسين خلاف غلط مهم تي ڪارروائي ڪئي ويندي:عذرا پيچوهو

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آھي ته نياڻين کي ڪينسر کان بچاءُ لاءِ وقت کان پھرين ويڪسين لڳڻ گھرجي ته جيئن ھو تڪليف مان بچي سگھن. ھن اھڙو اظھار گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ بابت ويڪسين جي فائدي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ھن چيو ته وزيراعظم کي خط لکيو آھي ته اسين پنھنجي ملڪ ۾ ان ويڪسين جي فيڪٽري قائم ڪري ھتي ھي اھا ويڪسين ٺاھيون. ان لاءِ وفاقي حڪومت کي چيو آھي ته ھو اسان کي مدد فراھم ڪري، ھن وقت ھي ويڪسين اسان کي مھانگي ملي ٿي. جڏهن انڊيا ويڪسين ٺاھي رھيو آھي ته اسين به ٺاھي سگھون ٿا، اسان ويڪسين خلاف اھڙين ڪوڙين ٺهيل وڊيو رکندڙ خلاف سائيبر ڪرائيم کي لکيو آھي، ھڪ سياسي پارٽي ويڪسين خلاف ماڻھن کي گمراھ ڪيو آھي، ماڻهن کي  صحت جي معاملي تي گمراهه نه ڪرڻ گھرجي، ڪينسر مان جان بچائيندڙ سيما فضل جو چوڻ ھيو ته مونکي 2024 ۾ ڪينسر ٿيو ، مونکي تمام گھڻي تڪليف ٿي، ھي ويڪسين ھاڻي آئي آھي پھرين ھجي ھا ته شايد مونکي اھي ڏينھن نه ڏسڻا پون ھا. آئون چونديس ته توھان پنھنجين نياڻين کي ويڪسين ڪرائي انهن جي زندگي محفوظ بڻايو ، ڊاڪٽر فرح قمر جو چيو ته مارڪيٽ ۾ ڪافي ويسڪسين ھونديون آھن جن جا ٽي ڊوز ھوندا آھن ھن وئڪسين جو ڊوز صرف ھڪ آھي ڪينسر سان عورتن کي تمام گھڻي مشڪلات پيش ايندي آهي. ان ڪري ڪوشش ڪيو ته پنھنجي نياڻين کي ويڪسنيشن ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.