اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن پاران چيف جسٽس جا قدم سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ، بينچن جي جوڙجڪ ۽ ڪيس جي منتقلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي، جسٽس طارق جهانگيري سميت پنج ججن انفرادي طور تي درخواستون داخل ڪيون، جن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس ثمن رفعت ۽ جسٽس اعجاز اسحاق خان شامل آهن، جسٽس محسن اختر ڪياني طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته انتظامي اختيار عدالتي اختيارن کان مٿانهون نه ٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي چيف جسٽس کي اڳ ۾ ٺاهيل بينچ ۾ تبديلي ڪرڻ جو اختيار آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس پنهنجي مرضي سان ڪنهن به جج کي روسٽر يا عدالتي ذميوارين مان الڳ نه ٿو ڪري سگهي، هڪ جج کي صرف آئين جي آرٽيڪل 209 تحت ئي ڪم کان روڪيو سگهجي ٿو، ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، جسٽس طارق جهانگيري کي مبينه جعلي ڊگري واري درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالتي ڪم کان روڪيو هو، جنهن بعد سندس نالو نون بينچز جي روسٽر مان ڪڍيو ويو، ٻئي پاسي، جسٽس طارق جهانگيري به پنهنجي خلاف آيل حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي ۽ درخواست ۾ چيو آهي ته جج کي پنهنجا فرض نڀائڻ کان روڪڻ آئين ۽ عدليه جي آزادي خلاف آهي، درخواست ۾ چيو ويو ته فيصلي سان بي داغ جج جي شهرت کي متاثر ڪيو آهي، عدالتي خدمتن جي ضايع ٿيڻ وقت جو پوراءُ ممڪن ناهي، جيڪڏهن حڪم معطل نه ٿيو ته نه ڀرجندڙ نقصان ٿيندو.

  1. جج پاڻ انصاف گهرندا ته عام شهري ڪهڙي اميد رکندو؟

اسلام آباد (مطيع الله جان/ثاقب بشير) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز خان ۽ جسٽس سمن رفت امتياز سپريم ڪورٽ ۾ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون آهن. آئين جي آرٽيڪل 184(3) تحت ڏنل انهن درخواستن ۾ عدالتي آزادي تي اثرانداز ٿيندڙ معاملن کي چيلينج ڪيو ويو آهي. مطيع الله جان ۽ ثاقب بشير موجب، پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ اها پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هاءِ ڪورٽ جا موجودا جج پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيئي، عام شهري جيان سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون جمع ڪرائڻ آيا. اهو ڳڻتي جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي، هي برابري جو اصول ته آهي پر جڏهن عام شهري هنن ججن کي انصاف گهرندي ڏسندا ته اهي عدليا مان ڪهڙي اميد رکندا؟ سڪيورٽي اهلڪار جسٽس محسن اختر ڪياني کان پڇيو ته ڇا اوهان وڪيل آهيو؟ جج کيس ٻڌايو ته مان درخواست گذار آهيان. کيس وزٽر پاس ڏنو ويو جيڪو عام شهرين کي ملندو آهي. هن کان اڳ اهڙي صورتحال رڳو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس افتخار محمد چوڌري جي دور ۾ ڏسڻ ۾ آئي هئي، پر ايترو وڏو قدم گڏجي ڪيترن ججن طرفان پهريون ڀيرو کنيو ويو آهي. جسٽس طارق محمود جهانگيري پنهنجي اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ته کيس غيرقانوني طريقي سان عدالتي ڪم کان روڪيو ويو. هن پنهنجي اپيل ۾ اهم آئينِي ۽ قانوني سوال اٿاريا ته ڇا هاءِ ڪورٽ جي ڪا بينچ پنهنجي ساٿي جج خلاف درخواست ٻڌي سگهي ٿي يا کيس ڪم کان روڪي سگهي ٿي؟ پنهنجين درخواستن ۾ خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي ته فيبروري 2024 ۾ جسٽس سرفراز ڊوگر جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيئرمين ٿيڻ کانپوءِ انتظامي ڪميٽي ۾ تبديليون ٿيون، سينيئر ججن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ڪيس ورهاست ۾ به غير شفافيت نظر آئي. مبصرن جو چوڻ آهي ته ججن جو اهڙي صورت ۾ پاڻ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ نه رڳو تاريخي عمل آهي پر عدليا جي اندروني بحران کي به ظاهر ڪري ٿو، جيڪو عوامي اعتماد لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو.

  1. ڪجهه عرصي ۾ ڪجهه جج مستعفي ٿي ويندا

اسلام آباد (بيورو) سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته حالتن جي رفتار ٻڌائي رهي آهي ته ڪجهه عرصي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽ مان ۽ ڪجهه جج عدليه مان باهمي مفاد خاطر استعيفا ڏئي ڇڏيندا، هن چ يو ته قائمه ڪميٽيون پارليامينٽ جي روح آهن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ موجود آهي ته بهتر آهي ته هو قائمه ڪميٽين ۾ به رهي ۽ پنهنجو جمهوري ڪردار ادا ڪري، عرفان صديقي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اصل هدف ڇا آهي؟ اڳتي وڌندڙ پاڪستان کي ٻيهر وڏي بحران ۾ ڌڪڻ، ۽ امڪان ڇا آهي؟ هڪ ٻي وڏي ناڪامي ۽ هڪ ٻي وڏي رسوائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.