ميرپور خاص، دادو، جيڪب آباد، ۽ گھوٽڪي سميت 9 ضلعن ۾گهوٻيون

ڪراچي: اجلاس ۾ سنڌ جي 9 ضلعن ۾ پينشن فنڊز ۾ 40 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو معاملو به سامهون آيو، جنهن موجب سال 2021 ۾ پينشن فنڊ مان 40 ڪروڙ رپين جو غبن ٿيو۔ ان غبن ۾ خزاني کاتي جا 16 آفيسر ۽ ملازم، ۽ AG سنڌ جا 3 ملازم شامل هئا، جن کي نوڪريءَ تان هٽايو ويو آهي۔  دادو، ميرپور خاص، جيڪب آباد، ۽ گھوٽڪي سميت 9 ضلعن ۾ غبن ثابت ٿيو۔ خاص طور تي گھوٽڪي جو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر به ان ۾ ملوث هو۔ انهن سڀني کي نوڪرين تان هٽايو ويو آهي.فياض جتوئي ٻڌايو ته مختلف ضلعن ۾ جعلي آئي ڊيز ٺاهي پينشن ورتي وئي، جاچ دوران انهن آئي ڊيز کي بند ڪيو ويو ۽ ملوث آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو آهي.سال 2021 ۾ نوشهروفيروز سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪيترن ئي پينشنرز کي ٻه-ٻه ۽ ٽي-ٽي ڀيرا پينشن جاري ٿيڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي۔ نوشهروفيروز جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٻڌايو ته ضلعي جي مختلف کاتبن جا 6000 کان وڌيڪ فائيل ۽ ريڪارڊ موجود نه آهن، ۽ 14 هزار پينشنرن جي ڪيسن جي جاچ جاري آهي۔ انهن مان جن 18 پينشنرز کي ٻيهر پينشن جاري ٿي، انهن جي پينشن بند ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.