ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ جي بيانن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ گفتگو ڪندي شاهد آفريدي چيو جيڪڏهن عرفان پٺاڻ مڙس ماڻهو آهي ته سامهون اچي ڳالهائي جيئن جواب به ڏئي سگهجي.
هن چيو ته عرفان پٺاڻ سڄي عمر پاڪستان خلاف ڳالهائي پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو پر اهڙن بيانن سان نه پاڪستان ڪرڪيٽ متاثر ٿيندي ۽ نه ئي عوام جو جذبو گهٽجندو.
واضح رهي ته عرفان پٺاڻ پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيندو رهندو آهي، جڏهن ته هن شاهد آفريدي لاءِ به نامناسب ٻولي استعمال ڪئي هئي.
You might also like