” ياعلي“ گيت جي ذريعي شهرت ماڻيندڙ بالي ووڊ گلوڪار ديهانت ڪري ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي راڳي ۽ موسيقار زوبين گرگ اسڪوبا ڊائيونگ دوران لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بالي ووڊ فلم ”گينگسٽر“ جي گاني ”يا علي“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ گلوڪار ۽ موسيقار 52 ورهين جو زوبين گرگ سنگاپور ۾ اسڪوبا ڊائيونگ دوران لاڏاڻو ڪري ويو.
زوبين کي اڄ سنگاپور ۾ ”نارٿ ايسٽ فيسٽيول“ ۾ پرفارم ڪرڻو هو.
رپورٽن موجب، سنگاپور پوليس کيس پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، ڊاڪٽرن کيس آءِ سي يو ۾ رکيو پر هو علاج دوران زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو.
نارٿ ايسٽ فيسٽيول جي انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڏاڍي ڏک ۽ افسوس وچان گلوڪار زوبين جي لاڏاڻي جي خبر شيئر ڪري رهيا آهيون.
انتظاميا موجب، گلوڪار زوبين کي اسڪوبا ڊائيونگ دوران ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿي، کيس ترت سي پي آر ڏنو ويو ۽ اسپتال نيو ويو، پر هڙئي ڪوششون ناڪام ويون ۽ هن آءِ سي يو ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
زوبين جي اوچتي ديهانت مداحن ۽ شوبز انڊسٽري کي صدمي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته زوبين 2006ع ۾ بالي ووڊ فلم ”گينگسٽر“ جي گاني ”يا علي“ ذريعي شهرت ماڻي.
ان کانسواءِ ڪيئي مشهور گيت پڻ ڳايا، جن ۾ فلم ”ڪرِش 3“ جو گانو ”دل تو هي بتا“ ۽ فلم “پيار ڪي سائيڊ ايفيڪٽس“ جو گانو “جانيه ڪيا چاهي من“ شامل آهن.
زوبين هندي سان گڏ آسامي، بنگالي، نيپالي سميت مختلف ٻولين ۾ به انيڪ گيت ڳايا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.