اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ حج اسڪيم تحت حج خواهشمندن لاءِ سٺي خبر سامهون آئي آهي.
مذھبي معاملن واري وزارت جي پڌرائي موجب، خانگي حج اسڪيم تحت حاجي اڄ کان درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پرائيويٽ حج اسڪيم تحت 37 هزار 903 حاجي درخواستون جمع ڪرائي سگهندا، جڏهن ته گذريل سال رهجي ويل 22 هزار 97 پانڌيئڙن به پرائيويٽ حج اسڪيم تحت رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي آهي.
مذھبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ حج آپريٽر گذريل سال وارن پانڌيئڙن کي پهرين موقعو ڏيندا ۽ خواهشمندن جي رجسٽريشن مڪمل ٿيڻ جو حلفي بيان ڏيندا.
پڌرائي موجب، خانگي حج آپريٽرن جو ڪوٽا 60 هزار مقرر ڪيو ويو آهي، گذريل سال جا 22 هزار 97 حج پانڌيئڙن کانسواءِ نوان 37 هزار 903 درخواستگذار هن سال حج تي وڃي سگهندا.
You might also like