پاڪ-سعودي دفاعي معاهدو، ڀارت، اسرائيل ۽ آمريڪا لاءِ خطري جي گهڙي؟

دبئي(ڪامران خان)آخري گهڙي  تائين لڪيل پيش رفت اوچتو گذريل رات سامهون آئي، جڏهن “مسلم نيٽو” جو جنم ٿيوآهي؟پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ تاريخي دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي۔ پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ اهڙو اسٽريٽجڪ ڊفينس معاهدو ڪيو آهي جيڪو اسلامي دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو “نيٽو طرز” جي اتحاد جي بنياد رکي ٿو۔ هن معاهدي تحت، جيڪڏهن ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٿيندو ته ٻئي ملڪ ان کي پنهنجي سالميت تي حملو سمجهندا۔اڳوڻي ڪمانڊر نيوڪليئر ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل مصطفىٰ چيو ته پاڪستان جهڙي نيوڪليئر پاور ۽ سعودي عرب جهڙي معاشي سپر پاور جو اتحاد عالمي جيو-اسٽريٽجڪ منظرنامي کي ڪيئن بدلائي ڇڏيندو۔اهو معاهدو ڀارت،اسرائيل ۽ آمريڪا جهڙن طاقتور ملڪن لاءِ خطري جو گهنڊ بڻجي چڪو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 19 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.