اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير دفاع خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو معاهدو ڪنهن ملڪ خلاف ناهي، ڪنهن سان به جارحيت ٿئي،پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي وڙهندا، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپن کي هاڻي وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي،ڪنهن ٻئي ملڪ جي شموليت جو چوڻ وقت کان اڳ آهي پر دروازا بند ناهن،معاهدي ۾ ٻيا عرب ملڪ شامل ٿي سگهن ٿا، معاهدي ۾ اهڙو شق ناهي ته ڪو ٻيو ملڪ شامل نٿو ٿي سگهي، معاهدي ۾ ڪنهن ٽين ڌر کي اعتماد ۾ وٺڻ جو جواز نٿو بڻجي، هن چيو ته حرمين شريفين جو تحفظ هڪ مقدس ذميواري آهي، هن چيو ته خطي جي ملڪن جو حق آهي ته اهي گڏجي خطي ۽ عوام جو دفاع ڪن،اسان جي هٿياربند فوج جو تازو ٽيسٽ ٿي چڪو آهي،ان ۾ عزت ۽ آبرو سان ڪامياب ٿيا آهيون،آمريڪا جا ڪيترن ئي ملڪن سان دفاعي معاهدا ٿيل آهن، ايندڙ وقت ۾ چين دنيا جي اڳواڻي ڪندو