پاڪستان جو ڪردار ڏکڻ ايشيا مان نڪري عالمي منظرنامي تي ڇائنجي ويو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) دفاعي تجزيي نگار سيد محمد علي چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي نظر ۾ ڀارت جو اسٽيٽس گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ ان کي صرف ڏکڻ ايشيا تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو ڪردار ڏکڻ ايشيا مان نڪري عالمي منظرنامي تي اجاگر ٿي ويو آهي۔سيد محمد علي موجب سعودي عرب سڌي ۽ فوري طور تي 57 اسلامي ملڪن مان پاڪستان کي چونڊيو ۽ گڏيل دفاعي معاهدي تي متفق ٿيو، جنهن تي ڪم هڪ سال کان جاري هو۔ هن وضاحت ڪئي ته هي معاهدو ڪنهن ملڪ کي فتح ڪرڻ لاءِ نه پر دفاعي تعاون لاءِ آهي۔هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب وٽ دنيا جا جديد ترين هٿيار موجود آهن، پر انهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ جيڪا جنگي مهارت گهرجي، اها صرف پاڪستاني فوج وٽ آهي۔ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سعودي عرب هاڻي پنهنجي سيڪيورٽيءَ لاءِ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن تي به ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔بين الاقوامي معاملن جي ماهر احمد حسن العربي چيو آهي ته دنيا هڪ وڏي ورلڊ آرڊر جي تبديلي ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ ان پس منظر ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جو دفاعي معاهدو انتهائي اهم آهي۔هن چيو ته اهو معاهدو جنگ ڪرڻ لاءِ نه پر جنگ روڪڻ ۽ دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ آهي۔موجوده حالتن ۾ اهو هڪ ڊپلوميٽڪ ماسٽر اسٽروڪ آهي، ڇو⁠تہ سعودي عرب، چين ۽ ترڪي جهڙا اهم ملڪ پاڪستان جي ڀرسان بيٺل آهن۔ايندڙ وقت ۾ دنيا جا امن پسند ۽ معزز ملڪ يا ته پاڪستان جي پٺيان بيٺل نظر ايندا يا پاڪستان سان گڏ۔.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 19 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.