پاڪستاني عرب دنيا جي عملي سوچ کي گهڻو نٿا سمجهن:عائشا صديقه

نيويارڪ/لنڊن(رضا رومي) وزيراعظم جي تازو قطر جي دوري کان پوءِ جڏهن هو سعودي عرب پهتا ته انهن جو فقيدالمثال استقبال ڪيو ويو، جتي سعودي فضائيه جي جهازن کين پروٽوڪول سان آندو. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا پاڪستان کان وچ اوڀر جي سلامتي ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويندو؟ ماضي ۾ جنرل راحيل شريف کي اسلامي اتحادي فوجن جي قيادت ڏني وئي هئي، ڇا هاڻي به پاڪستان جي فوجن کي هن علائقي ۾ وڌيڪ ذميواريون ملي سگهن ٿيون؟ان حوالي سان ناليواري ليکڪه  عائشا صديقا چيو ته منهنجي نظر ۾ عرب دنيا جي اڳواڻن جي ذهن ۾ اهڙو ڪو خاڪو واضح ناهي. پاڪستان ۾ عربن سان بي پناهه محبت ڪئي ويندي آهي پر حقيقت اها آهي ته پاڪستاني عرب دنيا جي عملي سوچ کي گهڻو نٿا سمجهن. عرب ملڪ انتهائي حقيقت پسند ۽ عملي مزاج رکن ٿا. مثال طور قطر ۾ پاڪستان هڪ جذباتي موقف اختيار ڪيو پر خود قطري قيادت ائين نه ڪيو. ان جو سبب  اهو آهي ته ڪنهن ملڪ کي علائقائي سلامتي جي ذميواري صرف تڏهن ڏني ويندي آهي جڏهن اهو مالي طور به اهو بار کڻڻ جي حيثيت رکندو هجي، ۽ پاڪستان اهڙي حيثيت ۾ ناهي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب لاءِ پاڪستان هميشه هڪ اهم ڪنسٽٽيوئنسي رهيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تعلقات 1960 واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿيا جڏهن جنرل شير علي خان پٽوڊي سعودي قيادت کي قائل ڪيو ته مصري اهلڪارن بدران پاڪستاني فوجون انهن جي سلامتي جي ذميواري سنڀالين. ضياءُ الحق جي دور ۾ هي معاهدو وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ هڪ مڪمل پاڪستاني ڊويزن سعودي عرب ۾ مقرر ٿيو. تڏهن کان اڄ تائين پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي جو لازمي حصو رهيو آهي ۽ اهي تعلقات ايندڙ وقت ۾ به جاري رهندا۔عائشه صديقه موجب سعودي عرب جي سڀ کان وڏي ڳڻتي ايران آهي، انهيءَ ڪري هو پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت کي پنهنجي سلامتي لاءِ هڪ ممڪن ڍال سمجهي ٿو. اسرائيل جي مقابلي ۾ ايران هميشه سعودي حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو رهيو آهي. ان کان علاوه فلسطين ۽ غزه جو مسئلو هڪ سياسي بارود آهي جنهن جي ڦاٽڻ سان عرب دنيا جي اندروني حالتن ۾ هلچل پيدا ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري هن خطري کي قابو ۾ رکڻ لاءِ به سعودي عرب پاڪستان تي ڀاڙيندو رهيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ آمريڪا اڄ به عرب دنيا جو سڀ کان وڏو سيڪيورٽي فراهم ڪندڙ ملڪ آهي پر اهو امڪان موجود آهي ته مستقبل ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ٻيهر اقتدار ۾ اچي وچ اوڀر مان پنهنجون فوجون جزوي طور واپس گهرائي وٺي ۽ صرف فوجي بيسون برقرار رکي. اهڙي حالت ۾ محنتي ۽ جنگي صلاحيت رکندڙ فوجن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي هڪ قدرتي متبادل طور ڏٺو پيو وڃي. بهرحال عرب دنيا آمريڪا کان مڪمل الڳ ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، هو اڄ به آمريڪا کي بنيادي سيڪيورٽي ضامن سمجهن ٿا۔هن واضح ڪيو ته سعودي عرب پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي ڳنڍڻ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم ۽ فوجي قيادت سان گڏ آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جو منصوبو ٺاهيو پيو وڃي. اها به هڪ حقيقت آهي ته آمريڪا پنهنجي حڪمت عملي پاڻ به اڳتي وڌائي رهيو آهي. مثال طور تازو زلمي خليل زاد ۽ ٻين آمريڪي نمائندن طالبان سان ڳالهين لاءِ ڪابل جو دورو ڪيو جنهن ۾ پاڪستان کي به شامل رکيو ويو، پر آمريڪي حڪمت عملي پنهنجي آزاد رخ ۾ اڳتي وڌندي نظر اچي ٿي۔عائشه صديقه چيو ته آمريڪا جي دلچسپي افغانستان جي ناياب معدني وسيلن ۽ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ کي روڪڻ ۾ آهي ۽ ان تناظر ۾ پاڪستان هڪ اهم جغرافيائي حيثيت رکي ٿو. پر هن اهو به چيو ته عرب دنيا پنهنجي سلامتي جي معاملن ۾ جذبات تي نه پر حقيقت پسندي تي يقين رکي ٿي، ۽ ان حقيقت کي سمجهڻ پاڪستان لاءِ لازمي آهي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 19 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.