”پٽ ويرات ۽ روهت جو ديوانو آهي ۽ مان کين سڃاڻان ئي نٿي“ ڪرينا ڪپور جو دلچسپ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته سندس وڏو پٽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ موجوده ڪپتان روهت شرما جو وڏو مداح آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، بالي ووڊ بيبو جو چوڻ هو ته سندس وڏو پٽ تيمور علي خان هر وقت هڪ ئي ڳالهه پڇندو رهي ٿو ته ڇا روهت شرما يا ويرات ڪوهلي توهان جا دوست آهن؟
اداڪارا ٻڌايو ته تيمور ضد ڪري ٿو ته جيڪڏهن توهان ويرات ڪوهلي کي سڃاڻو ٿا ته هن کي منهنجو نياپو موڪليو ته مون کي سندس بيٽ کپي.
ڪرينا ڪپور وڌيڪ چيو ته مونکي پنهنجي پٽ کي بار بار اهو چوڻو پوي ٿو ته ”نه، مان پيغام نٿي موڪلي سگهان، ڇو ته مان کين سڃاڻان ئي نٿي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.