ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عدنان اقبال چوڌري جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾ مرڪزي شاهراهن تي چنگچي رڪشا ئن جي پابندي جي خلاف ٻه درخواستن جي ٻڌڻي ٿي،عدالت ڪراچي جي ڪمشنر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته شهر۾ چنگچي رڪشائن تي پابندي برقرار آهي .سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌحڪومت ڪجهه شاهراهن تي پابندي لڳي هئي هر جڳهه نه آهي،درخواستگذارن جي وڪيلن چيو ته غريب ماڻهن جي روزگار جو معاملو آهي عدالت حڪم ڏئي ،سرڪاري وڪيل عدالت کان غلط بياني ڪري رهيو آهي .ڪراچي جي ڪمشنر هڪ نئون نوٽيفڪشن جاري ڪيو آهي جنهن ۾ 20روڊن تي پابندي آهي .سرڪاري وڪيل چيو ته نوٽيفڪشن 15 آڪٽوبر تائين لاڳو هوندو .عدالت چيو ته اسان ڪراچي جي ڪمشنر کان نئين نوٽيفڪشن جي باري ۾ پڇاڻو ڪرايون ٿا .