ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سڏ تي صوبي ۾ وڌندڙ بدامني، ڌاڙيل راج، بنيادي سهولتن جي کوٽ، بدترين بجلي ۽ گيس لوڊشيڊنگ، لينڊ مافيا جي اثر رسوخ، ۽ پاڻي جي شديد بحران خلاف شروع ڪيل پنج ڏينهن وارو سنڌ امن مارچ ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو. امن مارچ جو قافلو ٺٽو شهر کان نڪري گهگهر ڦاٽڪ رستي ملير کان ٿيندو ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتي ايئرپورٽ تائين مارچ جي اڳواڻي جميعت جي صوبائي امير مولانا سائين عبدالقيوم هاليجوي ۽ صوبائي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومري ڪئي. بعد ۾ شاهراهه فيصل تي جمعيت جي مرڪزي سربراهه مولانا فضل الرحمان مارچ جي اڳواڻي سنڀالي. قافلي جي شرڪت ڪندڙن مختلف هنڌن تان گذرندي دين محمد وفائي روڊ پهتا، جتي مارچ هڪ وڏي عوامي اجتماع جي صورت اختيار ڪئي. جلسي کي مولانا فضل الرحمان سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جو منشور امن، برابري ۽ حقن جو تحفظ آهي مولانا فضل الرحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان هميشه ملڪ جي معاشي بهتري جي ڳالهه ڪئي آهي، پر پاڪستان هن وقت غربت، بيروزگاري، ۽ معاشي ناانصافي جو شڪار آهي. حڪمران عياشيون ڪن پيا، جڏهن ته عوام مٿان ظلم جاري آهي. هر منصوبي مان ڪجهه مخصوص طبقا 10 سيڪڙو حصو وٺن ٿا. اسان سياسي ماڻهو آهيون، آئين، قانون، ۽ رياست جي بالادستي جي حمايت ڪريون ٿا. بندوق کڻي ڪنهن کي قتل ڪرڻ ٺيڪ ناهي، پر ڳالهين جي تجويز سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. اسان جو امن مارچ نئون ناهي؛ خيبرپختونخواهه، بلوچستان، ۽ سنڌ ۾ به اسان عوامي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن اسان آواز ڏيون، ته اسلام آباد اوهان جي هٿن ۾ نه رهندو هن چيو ته عوامي مينڊيٽ ڪا ريوڙي ناهي، جو اوهان پنهنجي مرضيءَ سان جنهن کي چاهيو بخشيو. هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي، جو چونڊ نتيجا عوام جي خواهشن جي ابتڙ هلن. مولانا اعلان ڪيو ته جي يو آءِ چئني صوبن ۾ امن مارچن ذريعي عوام کي هڪ صف ۾ آڻيندي. قوم جي اتحاد لاءِ اسان پنهنجون سموريون توانائيون وقف ڪنداسين.مولانا فضل الرحمان واضح ڪيو ته جي يو آءِ جي مينڊيٽ تي هميشه ڌاڙو هنيو ويو آهي. جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ به مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، ته پوءِ عوامي نمائندن کي ايوانن ۾ وڃڻ نه ڏينداسين. اسان پرامن آهيون، پر وڌيڪ صبر نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان ڪشمور کان ڪراچي تائين گرمي ۾ سفر ڪيو، وزيراعليٰ، گورنر، ۽ عدالتن تائين امن جو پيغام کڻي آيا آهيون. جيڪڏهن اڃا به امن نه ڏنو ويو ته پوءِ سول نافرماني جي تحريڪ هلائينداسين، ٽيڪس بند ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته جي يو آءِ جو مينڊيٽ هميشه چورايو ويو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن اسان آواز ڏيون، ته اسلام آباد اوهان جي هٿن ۾ نه رهندو هن چيو ته عوامي مينڊيٽ ڪا ريوڙي ناهي، جو اوهان پنهنجي مرضيءَ سان جنهن کي چاهيو بخشيو. هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي، جو چونڊ نتيجا عوام جي خواهشن جي ابتڙ هلن. مولانا اعلان ڪيو ته جي يو آءِ چئني صوبن ۾ امن مارچن ذريعي عوام کي هڪ صف ۾ آڻيندي. قوم جي اتحاد لاءِ اسان پنهنجون سموريون توانائيون وقف ڪنداسين.جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومري چيو ته سنڌ ۾ جي يو آءِ جي مينڊيٽ تي هميشه ڌاڙو هنيو ويو آهي. چونڊن ۾ شفافيت نه آئي ته ايندڙ وقت ۾ سخت ردعمل ڏسڻ لاءِ تيار رهو. هن چيو ته ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۾ ڌاڙيل راڄ آهي. حڪومت ڌاڙيلن آڏو مجبور آهي. رهواسي ڏوهارين هتان يرغمال بڻيل آهن. تعليم، امن امان تباهه آهي. حڪمران ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته جميعت علماء اسلام گرمي ۾ ڪشمور کان ڪراچي تائين سفر ڪيو اسين وڏي وزير ۔گورنر ۽ عدالتن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسين امن جو پيغام کڻي آيا آھيون اسانکي امن کپي ٿو ھڪ ھفتي جي لانگ مارچ کانپوء به اسان کي امن نه مليو ته سول نافرماني واري تحريڪ ھلائينداسون اسين ٽيڪس نه ڏينداسون وڏو وزير محترم ۽ وڏي پوسٽ تي ويٺل آھي اسين پڇون ٿا ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي روڪيو وڃي اگر ھمت ناھي ته وڏو وزير استعيفا ڏي . انجنيئر ضياءُ الرحمان چيو ته ڪشمور، گهوٽڪي، ۽ شڪارپور جهڙن ضلعن ۾ جي يو آءِ جي مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. حڪمران حرمين شريفين جي حفاظت کي سعادت سمجهن ٿا، پر پنهنجن ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهن. اسان امن مارچ ذريعي صرف امن نه پر پنهنجو مينڊيٽ به واپس گهرون ٿا.