نئين عالمي صف بندي،روس،چين ۽ پاڪستان جو ڪردار نمايان

اسلام آباد(عمران شفقت) ڇويهه منٽن جي جنگ ۾ پاڪستان ڀارت سان گڏ مغربي طاقتن جو غرور به مٽي ۾ ملائي ڇڏيو ۽ اهو ئي اهو موڙ هو جنهن کان پوءِ سعودي عرب ۽ قطر جهڙن ملڪن پهريون ڀيرو پاڪستان جي طاقت ۽ صلاحيت کي حقيقي معنيٰ ۾ تسليم ڪيو. هن جنگ دوران ڪجهه عرب ملڪن پاڪستان کي چيو هو ته ڀارتي حملي تي صبر ڪيو وڃي ۽ جوابي ڪارروائي نه ڪئي وڃي، پر پاڪستان واضح موقف اختيار ڪندي صاف ٻڌايو ته جيڪڏهن ڀارت اسان جي خودمختياري کي للڪاريندو ته اسان ڀرپور جواب ڏينداسين. اهو ئي پاڪستان جو عزم هو جنهن دنيا کي باور ڪرائي ڇڏيو ته پاڪستان پنهنجي سلامتي تي ڪا به رعايت نٿو ڏئي،جڏهن ته سعودي عرب کي قطر تي اسرائيلي حملي کان پوءِ پهريون ڀيرو اها حقيقت پوري طرح سمجھ ۾ آئي ته آمريڪا پاران فراهم ڪيل دفاعي نظام وقتِ ضرورت ناڪام ثابت ٿيو. قطر ۾ موجود آمريڪي فوجي ۽ ايئر ڊفينس سسٽم مڪمل طور غير فعال نڪتا ۽ رڳو روس جي بروقت اطلاع سبب وڏو نقصان ٽرندو رهيو. هن واقعي سعودي عرب کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته پري پري ويٺل اتحادي بدران علائقي ۾ ويجها دوست يعني پاڪستان تي ڀاڙڻ وڌيڪ موثر ۽ محفوظ آهي۔آمريڪا جي ٽي ٽريلين چار سئو ارب ڊالر جي مجوزه سيڙپڪاري هاڻي خطري ۾ آهي ۽ ان تي وڏو سوال اڀري ويو آهي. نون اتحادين جي تحت اها سيڙپڪاري هاڻي خطي جي ٻين ملڪن خاص طور پاڪستان ڏانهن به منتقل ٿي سگهي ٿي. اها سيڙپڪاري امداد نه پر ڀائيواري ۽ واپاري سهڪار جي صورت ۾ هوندي جيڪا پاڪستان جي معيشت ۽ دفاعي صنعت لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندي۔هي معاهدو رڳو زباني واعدو نه پر عملي طور تي دفاعي صنعت ۾ سيڙپڪاري، معيشت ۾ گڏيل سهڪار ۽ گڏيل سلامتي جي نئين باب جو آغاز آهي. پاڪستان وٽ ايٽمي طاقت ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ اليڪٽرانڪ وارفيئر ۾ به مهارت آهي جنهن ۾ چين جي فني مدد ۽ پاڪستان جي ماهر انساني وسيلن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهي ئي عنصر آهن جن پاڪستان کي گلوبل ساٿ جو نائب اڳواڻ بڻائي ڇڏيو آهي۔هي معاهدو آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ به هڪ واضح پيغام آهي ته دنيا هاڻي هڪ قطبي ناهي رهي پر گهڻ قطبي نظام اڀري چڪو آهي جنهن ۾ روس، چين ۽ پاڪستان جهڙا ملڪ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سعودي عرب جو هي فيصلو اصل ۾ ان ڳالهه جي دليل آهي ته نئين صف بندي وجود ۾ اچي چڪي آهي ۽ ان جو مرڪز ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر آهن۔هن ترقي يافته اتحاد جا اثر پاڪستان جي داخلي سياست تي به پوندا. هي معاهدو واضح اشارو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير پنهنجين پاليسين جي تسلسل سان موجود رهندا ۽ انهن جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي سياست ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪندو. جڏهن ته  پاڪستان تحريڪ انصاف کي هاڻي صف بندي ڪرڻي پوندي ڇو ته ايندڙ سالن ۾ سياسي حالتون هڪ نئين رخ اختيار ڪنديون۔دنيا بدلجي وئي آهي، نئون عالمي نظام جنم وٺي چڪو آهي ۽ هاڻي پاڪستان تي اها وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو هن نئين صف بندي ۾ پنهنجي قيادت کي ثابت ڪري. پاڪستان کي دفاعي صنعت، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ معيشت ۾ اڳتي وڌڻو پوندو ته جيئن هي موقعو حقيقي معنيٰ ۾ قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ بدلجي سگهي. هي معاهدو هڪ وڏي خبر آهي جيڪا پاڪستان جي مستقبل کي نئين رُخ ڏيڻ وارو آهي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 19 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.