”22 سيپٽمبر تي سعودي ولي عهد فلسطيني رياست جي حوالي سان خوشخبري ڏيندو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفي چيو آهي ته 22 سيپٽمبر تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان فلسطيني رياست جي حوالي سان خوشخبري ڏيندو.
پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا طاهر اشرفي چيو ته ڪالهه پاڪستاني قوم کي وڏي خوشخبري ملي، پاڪ سعودي دفاعي اسٽريٽيجڪ ڀائيواري جو معاهدو طئي ٿيو آهي.
هن چيو الله پاڪ جو شڪر آهي جو اسان کي حرمين شريفين جي دفاع جي سعادت ملي آهي، پاڪستاني قيادت، فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ۽ سعودي ولي عهد تعريف جا حقدار آهن.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جو فلسطين مسئلي تي واضح موقف آهي، دنيا ۾ امن چاهيندڙن کي دفاعي معاهدي سان نئين طاقت ملندي، 22 سيپٽمبر تي سعودي ولي عهد فلسطيني رياست جي حوالي سان خوشخبري ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.