پي سي بي ايشيا ڪپ جو بائيڪاٽ ڇو نه ڪيو؟ اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) طرفان ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
پي سي بي کي ايشيا ڪپ جي بائيڪاٽ جي صورت ۾ 3.5 کان 4.5 ارب رپين تائين مالي نقصان جو خدشو هو.
ذريعن موجب، ايشيا ڪپ جو بائيڪاٽ ڪرڻ سان نشرياتي معاهدن ۽ اسپانسرشپس مان امڪاني آمدني ضايع ٿي وڃي ها، جڏهن ته ٻئي پاسي سوني پڪچرز جو 48 ارب رپين جو نشرياتي معاهدو به متاثر ٿي پئي سگهيو.
ايشيائي ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي آمدني جو 75 سيڪڙو حصو پنج ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن ڀارت، پاڪستان، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان ۾ تقسيم ٿئي ٿو، يعني هر ملڪ کي 15 سيڪڙو ملندو آهي، باقي 25 سيڪڙو ايسوسيئيٽ ملڪن ۾ ورهايو وڃي ٿو.
ايشيا ڪپ مان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي نشرياتي معاهدن، اسپانسرشپس ۽ ٽڪيٽن جي وڪري مان 12 کان 16 ملين ڊالر آمدني متوقع هئي.
سوني پڪچرز نيٽ ورڪ انڊيا 2024ع کان 2031ع تائين 48 ارب رپين (170 ملين ڊالر) جو معاهدو ڪيو آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ انڊر 19 ايشيا ڪپ جا نشرياتي حق پڻ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.