سعودي سان دفاعي معاهدو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ قائم ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس کي هڪ لک 58 هزارن جي بلند ترين سطح تي پهچائي ڇڏيو.
اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي هاڪاري شروعات ٿي ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تائين اهو سلسلو جاري رهيو.
ماهرن موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي دفاعي معاهدي سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ بلندي ٿي آهي.
100 انڊيڪس هڪ هزار 775 پوائنٽن جي واڌ سان هڪ لک 57 هزار 953 تي بند ٿيو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس پنهنجي بلند ترين سطح هڪ لک 58 هزار 82 به ٺاهي.
بازار ۾ اڄ هڪ ارب 95 ڪروڙ شيئرز جا سودا 56 ارب 93 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 182 ارب رپيا وڌي 18 هزار 541 رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.