اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيئرمين کي پنهنجي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ سنگل بئنچ جو فيصلو معطل ڪندي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس پي ٽي اي چيئرمين جي بحالي جو حڪم جاري ڪيو.
واضح رهي ته سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل راشد حفيظ ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته سڄي پاڪستان مان 64 ماڻهن ۾ مقابلو ٿيو، جن مان 24 اميدوار ڪواليفاءِ ڪيو. اهليت جي معيار تي سختي سان عمل ٿيو، ڪو به اميدوار عدالت ۾ نه آيو.
ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار اڱاري تي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏيندي پي ٽي اي جي ڪنهن سينيئر رڪن کي چيئرمين مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي مئي 2023 ۾ پي ٽي اي چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ سندس مقرري جي منظوري ڏني وئي هئي.
سنگل بئنچ جو فيصلو معطل، پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان عهدي تي بحال
You might also like