اسان جا رولز رات ۾ ٺهي ويا، شماريات کاتي جا نه ٿا ٺهن:جسٽس محسن اختر ڪياني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ادارو شماريات ۾ تقرريءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران دلچسپ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي هاءِ ڪورٽ جا رولز ته هڪ رات ۾ تيار ٿي ويا ۽ دستخط به ٿي ويا، اوهان کان پنج مهينن ۾ به تقرريءَ جا رولز نه ٿا بڻجن.ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس ڪياني وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنج مهينا ٿي ويا، اوهان ماڻهن کان اڃا تائين تقرريءَ جا رولز نه بڻيا آهن. جج وڌيڪ چيو  ته اسان جو عدالتي عملو کي اوهان کي ڏئي ڇڏجي، اهي ته هڪ رات ۾ رولز به ٺاهي وٺن ۽ دستخط به ڪرائي ڇڏين. ياد رهي ته 5 آگسٽ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي راڄڌاني ۾ تپيدارن جي خالي سيٽن تي ڀرتين بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس ڪياني سخت ريمارڪس ڏيندي چيو هو هن چيو  ته مون کي خبر آهي ته اسان جو ڪهڙو جج ڪرپٽ آهي، مون کي سڀ ڪجهه معلوم آهي ته ادارن ۾ پئسا ڪيئن گڏ ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن انهن جو وس هلڻ لڳي ته اهي رشوت کي قانوني بڻائي ڇڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.