عدالتي اڱڻ ۾ ڇوڪرين جوابدار کي ٿڦون وهائي ڪڍيون

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻارڙين سان زيادتي الزام هيٺ گرفتار شربت فروش شبير احمد تنولي جي ريمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته عدالت ۾ پيش ٿيڻ وقت متاثر ٻارڙين هُن کي ٿڦون وهائي ڪڍيون، شبير تي الزام آهي ته هن لڳ ڀڳ 100 ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان زيادتي ڪئي ۽ انهن جون وڊيوز به ٺاهيون، جوابدار کي قيوم آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو جتي هو ڪرائي جي گهر ۾ ڇوڪرين کي وٺي وڃي جنسي ڏاڍائي ڪندو هو، پوليس ٻڌايو ته شبير خلاف ڪيسن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو، جن مان نئون ڪيس سرڪار جي فرياد تي سنڌ عارضي رهائشي ايڪٽ تحت درج ٿيو آهي، جنهن ۾ شبير سان گڏ گهر جي مالڪ اعجاز اعوان کي به نامزد ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ هن ڪرائي جو معاهدو ٿاڻي ۾ جمع نه ڪرايو هو، جاچ دوران پوليس شبير وٽان موبائل فون ۽ يو ايس بي هٿ ڪئي، جن ۾ 8 کان 12 سالن جي عمر واري ڇوڪرين سان جنسي ڏاڍائي جون سوين وڊيوز موجود آهن، شبير اعتراف ڪيو ته 2016 کان هو ڇوڪرين کي ٿورا پيسا ڏئي گهر وٺي ويندو هو ۽ اڪيلائي ۾ انهن سان زيادتي ڪندو هو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.