مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي وئي،ملڪي حالتون درست رخ ۾ ناهن:74 سيڪڙو شهري

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عالمي سروي ايجنسي ايپسوس جي رپورٽ موجب پاڪستان جو ڪنزيومر ڪانفيڊنس انڊيڪس ٻيهر ان سطح تي پهچي ويو آهي، جتي اهو پاڪ-ڀارت تڪرار کان اڳ هو. رينڪنگ ۾ پاڪستان ترڪي کان اڳتي آهي، پر ٻين علائقائي ملڪن کان اڃا پويان آهي.ايپسوس طرفان جاري ڪيل سروي موجب30سيڪڙو پاڪستانين ملڪ جي اڳتي وڌڻ واري رخ کي صحيح قرار ڏنو.هر 4 مان صرف 1 پاڪستاني پڪ سان چوندو آهي ته ملڪ درست ٽريڪ تي آهي، جڏهن ته 74 سيڪڙو جو خيال آهي ته ملڪ صحيح طرف نٿو هلي.64سيڪڙو شهري مهانگائي کي سڀ کان وڏو مسئلو سمجهن ٿا.بيروزگاري مان تنگ ماڻهن جي شرح ۾ 7 سيڪڙو اضافو ٿيو.غربت کان متاثر ماڻهن جي شرح 6 سيڪڙو وڌي 33 سيڪڙو ٿي وئي.بجلي جي قيمتن کان تنگ ماڻهن ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي آئي.اضافي ٽيڪسن بابت شڪايت ڪندڙن جي شرح 8 سيڪڙو گهٽجي 7 سيڪڙو ٿي وئي.صرف 16 سيڪڙو پاڪستاني معيشيت کي مضبوط سمجهن ٿا، جڏهن ته 61 سيڪڙو ان کي ڪمزور قرار ڏين ٿا.رڳو 12 سيڪڙو ماڻهن لاءِ روزمره گهر جي شيون خريدڻ آسان آهي، جڏهن ته 88 سيڪڙو ان کي ڏکيو قرار ڏين ٿا.روزگار يا ڪاروبار جي سيڪيورٽي ۾ اعتماد گهٽجي ويو آهي،جاب سيڪيورٽي جو احساس 30 سيڪڙو کان گهٽجي 19 سيڪڙو تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.