ڪالاباغ ڊيم تي سياست نه ٿيڻ گهرجي:خواجا سعد رفيق

ملتان(عوامي آواز نيوز)حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ڊيم ۽ بئراج ضرور ٺهڻ گهرجن۔مظفر ڳڙھ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته دوري جو مقصد سياسي ماڻهن کي فيلڊ ۾ آڻڻ آهي، جماعتن کان بالاتر ٿي سياسي ماڻهن کي متاثرن جي مدد ڪرڻي پوندي۔هن چيو ته آبادگارن کي پيسا ناهن ملندا، شوگر مل مالڪ مافيا بڻجي ويا آهن، ڪمند جي آبادگارن جون  ٻن سال کان روڪيل رهتون فوري ڏنيون وڃن۔ن ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب فصلن، فِش فارمن ۽ باغن جا نقصان پورا ڪيا وڃن، هر سياستدان جي ذميواري آهي ته آفت جي وقت ماڻهن جي مدد ڪري۔سعد رفيق جو چوڻ هو ته درياهه جي بِيٽ ۾ اڏاوتون ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ٿيڻ گهرجي، منهنجو خيال آهي ته هاڻي حڪومت ڪنهن سان به رعايت نه ڪندي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.