لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي اڳوڻن چيئرمينز رمير راجا ۽ نجم سيٺي کي مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.
ايشيا ڪپ ۾ ميچ ريفري جي تبديليءَ واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم کي اڄ يو اي اي خلاف ميچ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هوٽل کان اسٽيڊيم روانگي روڪي وئي آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي هوٽل ۾ رهڻ لاءِ چيو ويو آهي، ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي پنهنجن ڪمرن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ايشيا ڪپ واري معاملي تي صلاح مشوري لاءِ پي سي بي چيئرمين اڳوڻن چيئرمينز رمير راجا ۽ نجم سيٺي کي طلب ڪيو آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪجهه دير ۾ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندو.
ايشيا ڪپ کيڏون نه کيڏون؟ پي سي بي چيئرمين رميز راجا ۽ نجم سيٺي کي صلاح مشوري لاءِ سڏائي ورتو
You might also like