ٽي ٽي پي ۽ ” را“ جي افغانستان ۾ موجودگي، پاڪستان جو طالبان حڪومت کي سخت پيغام

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغان سفير کي طلب ڪري طالبان حڪومت کان تحريڪ طالبان پاڪستان کان پري رهڻ جو مطالبو ڪندي ٽي ٽي پي ۽ ”را“ جي افغانستان ۾ موجودگيءَ خلاف سخت پيغام ڏنو آهي.
پاڪستان افغان طالبان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عالمي سطح تي تسليم ٿيل دهشتگرد تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان کان پري رهي ۽ پنهنجي سرزمين تان انهن جي خاتمي جا واعدا پورا ڪري.
اسلام آباد اهو پيغام پاڪستان ۾ مقرر افغان عبوري سفير سردار احمد شڪيب وسيلي پهچايو، جنهن کي ويجهڙائي ۾ پرڏيهي کاتي ۾ طلب ڪيو ويو هو،
پاڪستان طرفان کيس واضح لفظن ۾ آگاهه ڪيو ويو ته افغان طالبان حڪومت اهو يقيني بڻائي ته سندن سرزمين دهشتگردي جي ڪِريل سرگرمين لاءِ استعمال نه ٿئي.
پاڪستاني پرڏيهي کاتي سفير کي فتنه الخوارج دهشتگردن جي تازي سرگرمين ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي طلب ڪيو، انهن دهشتگردن افغانستان جي سرزمين تي پناهه ملي رهي آهي ۽ کين ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي طرفان مڪمل مالي امداد ۽ سرپرستي حاصل آهي.
اعليٰ سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان عبوري سفير سردار احمد شڪيب کي پرڏيهي کاتي ۾ طلب ڪيو ويو، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سيد علي اسد گيلاني طالبان جي نمائندي کي پاڪستان جي تنبيهه پهچائي.
ان دوران، افغانستان لاءِ پاڪستان جو خاص نمائندو محمد صادق خان گڏيل عرب امارتن مان واپس اچي ويو آهي، جتي هو افغانستان بابت هڪ اڻ اعلانيل مشن تي ويو هو، هو پنهنجي ڪارروائيءَ بابت تفصيلي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندو، امڪان آهي ته هو هلندڙ هفتي سينيئر عملدارن جي هڪ وفد جي اڳواڻي ڪندي ڪابل ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.