واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي سندس 75هين سالگرهه تي فون ڪري واڌايون ڏنيون.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ جون 2025 کانپوءِ پهرين ڀيرو سڌي ريت رابطو ٿيو آهي،
وائيٽ هائوس ۽ ڀارتي پرڏيهي کاتي موجب، فون ڪال دوران ٽرمپ مودي جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته هو تمام شاندار ڪم ڪري رهيو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ۽ ڀارت ايندڙ ڏينهن ۾ واپاري لاڳاپن کي نئين سطح تي وٺي ويندا.
وزيراعظم نريندر مودي صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڀارت آمريڪا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
You might also like