اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين مشاهد حسين سيد پاڪستان کي ڀارت سان ڪرڪيٽ نه کيڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مشاهد حسين سيد چيو ته پاڪستان کي ڀارت سان ڪرڪيٽ نه کيڏڻ گهرجي، ڀارت پاڪستان جي وجود مان خوش ناهي، هو پاڪستان سان نفرت ڪري ٿو ۽ ڀارت اسان سان ڪرڪيٽ کيڏي اسان جي ئي بي عزتي ڪري ٿو، ان کان بهتر آهي ته اسين ڀارت سان نه کيڏيون.
مشاهد حسين چيو ته ڀارتي اسان سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهن، هو پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪن ٿا، ڀارت پاڪستان جي نفرت ۾ ان حد تائين ڪِري چڪو آهي جو 2 سال اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت پاڪستان کي اڳتي اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي پاڻ ميچ هارائي ويو، تنهنڪري اسان کي به اهڙي ٽيم سان ڪرڪيٽ نه کيڏڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو فتح کي ڀارتي فوج ۽ پهلگام واقعي جي متاثرن جي نالي ڪيو، ڀارت پاڻ دهشتگرد آهي جنهن جارحيت ڪئي ۽ پاڪستان ان جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو، هاڻي ڀارت ساڳي شڪست کي پروپئگينڊا لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.