طوفاني برساتن ۽ لينڊ سلائينڊگ سبب 18 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي گم

سهاستراڌارا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياستن اترا کنڊ ۽ هِماچل پرديش ۾ تيز برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اترا َکنڊ ۾ طوفاني برساتن ۽ ڪڪرڦاٽڻ بعدِ لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا پيش آيا، جن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 16 ڄڻا اڃا تائين گم آهن.
رپورٽ موجب، ديرا دون شهر جي سهاستراڌارا واري علائقي ۾ٻوڏ وهڪرو ڪيئي دڪان، روڊ ۽ گهر لوڙهي ويو، شهري علائقن جو هڪٻئي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته خراب موسم ٽرين سروس پڻ متاثر ٿي آهي.
واضح رهي ته گذريل مهيني به ڪڪر ڦاٽڻ سبب اترا کنڊ جي ڌرالي ڳوٺ ۾ تباهي آئي هئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي لاپتا ٿي ويا هئا.
ٻئي پاسي هِماچل پرديش ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا ٽي ڀاتي زندگي وڃائي ويٺا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.