ڪشمور: ڪچي ۾ ٻوڏ سبب ڌاڙيل ٿاڪ ڇڏڻ تي مجبور، پوليس ڪنٽرول سنڀالي ورتو

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪچي ۾ ٻوڏ صورتحال سبب ڌاڙيل پنهنجا ٺڪاڻا خالي ڪرڻ لڳا.
سنڌ پوليس موجب، ضلعي ڪشمور جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ صورتحال سبب ڌاڙيل علائقا خالي ڪري رهيا آهن .
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي جي علائقي گيلپور ۾ ڌاڙيلن جا ٿاڪ خالي ٿي ويا آهن ۽ پوليس خالي ڪيل ٺڪاڻن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.
پوليس موجب گيلپور ڪچي ۾ جاگيراڻي، شر ۽ انڊڙ گينگ جا ڪارندا وارداتون ڪندا رهيا آهن، ٻارن کي ڪڍڻ کانپوءِ ڌاڙيل پاڻ ٻين علائقن ۾ پناھه وٺندا آهن.
ايس ايس پي ڪشمور مراد گهانگرو چيو ته ٻوڏ سبب ڌاڙيلن جي منتقلي جي خاص نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڌاڙيلن جي نشاندهي لاءِ خاص منصوبابندي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.