ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن تاريخي بُلندي کي ڇُهڻ بعد اڄ سون جي اگهه هزارين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2400 رپيا سستو ٿيڻ بعد 3 لک 88 هزار 600 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جو ملهه 2058 رپيا گهٽجڻ سان 3 لک 33 هزار 161 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 24 ڊالر لاٿ بعد 3668 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن في تولي سون جي اگهه ۾ 4700 رپيا واڌ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سون قيمت 3 لک 91 هزار رپين جي تاريخي بلندي تي پهچي وئي هئي.
You might also like