اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري کي سندن ئي ساٿي ججن ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ اهو ٻيو ڀيرو آهي جو ڪنهن جج کي اهڙي طرح روڪيو ويو. ماهرن موجب هي قدم آئين ۽ عدالتي روايتن جي ابتڙ آهي. اڳ ۾ به افتخار محمد چوڌري ڪيس ۾ واضح فيصلو اچي چڪو آهي ته حتيٰ سپريم جوڊيشل ڪائونسل به ڪنهن جج کي ڪم ڪرڻ کان نٿي روڪي سگهي. ان ڪري اڄ جو ڏينهن عدليا لاءِ هڪ وڏو موڙ ثابت ٿيو آهي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي روئي تي سوال اٿي رهيا آهن،هن سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني بئنچ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي،جڏهن درخواست گذار پاران ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي التوا باوجود جسٽس جهانگيري کي ڪم کان روڪيو ويو،ان ڪيس ۾ درخواست گذار ميان دائود پاڻ ئي تڪراري شخص آهي،جيڪو پاڻ کي فخر سان ”جج مار“ سڏرائي ٿو،لڳي ٿو ته فيصلو ٿي ويو آهي خط لکندڙ ڇهن ججن کي ڪنڊائتو ڪيو ويندو،جنهن طريقي سان سندن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي ان ۾ قانون ۽ انصاف جو ڪو به عمل دخل نظر نه پيو اچي،ان عمل تي وڪيلن ۾ به ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي،ساٿي جج کي ڪم کان روڪڻ تمام ئي خراب مثال هوندو، اهو عدالتي تڪرار هاڻي هاءِ ڪورٽ مان نڪري سپريم ڪورٽ ويندو،وڪيلن جو چوڻ آهي ته اسان چيف جسٽس سرفراز ڊوگر خلاف ريفرنس داخل ڪنداسين،ڇو ته هن پروفيشنل مس ڪنڊڪٽ ڪيو آهي،ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڏو فيصلو ڏيندي پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل(ر) حفيظ الرحمن کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. سندس دور ۾ پاڪستان ۾ بار بار سوشل ميڊيا بندش، انٽرنيٽ جي سستي ۽ بلاڪيج جون شڪايتون وڌيون. ماهرن جو چوڻ آهي ته پي ٽي اي ۾ پروفيشنلز بدران فوجي آفيسرن جي مقرري سبب اهڙيون مشڪلاتون وڌيون. جج جسٽس بابر ستار ان ڪيس ۾ واضح راءِ ڏيندي چيئرمين کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو.