اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (رٽائرڊ) حفيظ الرحمان کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پي ٽي اي چيئرمين فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پي ٽي اي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي فيصلو جاري ڪيو، عدالت 99 صفحن تي ٻڌل محفوظ فيصلو جاري ڪندي پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (رٽائرڊ) حفيظ الرحمان کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو، جسٽس بابر ستار فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي اي چيئرمين جي مقرري قانوني طور درست نه آهي، کيس فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته ميجر جنرل (ريٽائرڊ) حفيظ الرحمان کي پهرين ميمبر (ايڊمنسٽريشن) ۽ پوءِ چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سڄو عمل غيرقانوني ۽ بي ضابطگين سان ڀريل هو، سيلڪشن ڪاميٽي 3 ماڻهن جو پينل پيش ڪيو، جيڪو رولز جي خلاف ڀڃڪڙي هئي، ڇو ته قاعدي موجب رڳو هڪ اميدوار جي سفارش ٿي سگهي ٿي، فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته ميمبر (ايڊمنسٽريشن) بڻائڻ کان پوءِ بنا ڪنهن شفاف ۽ معقول طريقيڪار جي ساڳئي شخص کي چيئرمين مقرر ڪرڻ به غيرقانوني، غيرمعقولي ۽ قانون جي نظر ۾ ناقابل قبول آهي، جسٽس بابر ستار لکيو ته جيئن اهو سمورو عمل غيرقانوني بنيادن تي بيٺو هو، تنهن ڪري ان جي بنياد تي ٿيل سڀئي مقرريون، بشمول ميجر جنرل (رٽائرڊ) حفيظ الرحمان کي چيئرمين مقرر ڪرڻ، سڀ غيرقانوني ۽ ڪالعدم آهن، عدالت حڪم ڏنو ته ميجر جنرل (رٽائرڊ) حفيظ الرحمان فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي، جڏهن ته پي ٽي اي جو سڀ کان سينيئر موجوده ميمبر عارضي طور چيئرمين جي چارج سنڀاليندو، جيستائين وفاقي حڪومت باقاعدا نئون چيئرمين مقرر نه ٿي ڪري، ٻئي پاسي پي ٽي اي چيئرمين پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو، پي ٽي اي چيئرمين عهدي تان هٽائڻ بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽن موجب چيئرمين پي ٽي اي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل آرڊيننس 1972 تحت اپيل داخل ڪئي آهي، اپيل ۾ چيو ويو آهي ته موجوده چيئرمين کي پهرين 24 مئي 2023 تي پي ٽي اي ۾ ميمبر (انتظاميه) مقرر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 25 مئي 2023 تي ترقي ڏئي چيئرمين مقرر ڪيو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيئرمين حفيظ الرحمان پنهنجا فرض قانون ۽ ضابطن موجب ادا ڪري رهيو آهي ۽ هي اپيل مقرري کي قانوني ثابت ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي وئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار محفوظ ڪيل فيصلي ۾ چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، چيئرمين پي ٽي اي عدالت کان اپيل جي فوري ٻڌڻي لاءِ به استدعا ڪئي آهي.